شيخ عبدالشڪور

شيخ، عبدالشڪور: نامور خطاط ۽ عالم شيخ عبدالشڪور ولد عبدالواسع ٺٽي ۾ ڄائو. سندس خاندان محمد بن قاسم جي هلان وقت سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي آباد ٿيو. سندس خاندان مان ڪيترن اهل علم عالمن، علم خطاطي ۽ خوشنويسيءَ ۾ وڏو نالو ڪڍيو. شيخ عبدالشڪور جو والد به خط نستعليق جو مشهور خطاط هو، جيڪو شاهجهان جي درٻار ۾ فرمانن ۽ نشانن لکڻ جو منشي رهيو. هيءُ پنهنجي والد ۽ ٻين ستن ڀائرن شيخ عبدالحق، شيخ محمد شريف، شيخ عبدالرؤف، شيخ عبدالغفور، شيخ محمد معين جيان خطاطي ۽ خوشنويسيءَ جي فن جو ماهر ٿيو. شيخ عبدالشڪور اعلى درجي جو شاعر هو، خانداني نسب معلوم ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته، هن جا وڏا قريشي هئا. سنڌ ۾ پهچڻ بعد پهريان بکر ۾ مقيم ٿيا. بنيادي طرح هو واپار، درس ۽ تدريس جا ماڻهو هئا. ان کانپوءِ جڏهن هي لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا ۽ ارغونن جي زماني ۾ پنهنجي علم ۽ فن ذريعي شاهي درٻار تائين رسائي ماڻيائون ته سندن حيثيت ۾ اضافو ٿيو. هن جو ڏاڏو جاني بيگ مرزا جو استاد هو، جنهن تخت نشين ٿيڻ شرط سندس ڏاڏي کي ننگر ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو ۽ ٻارنهن هزار ساليانو وظيفو پڻ مقرر ڪيائين. اڪبري فتح بعد جڏهن جاني بيگ هندستان جي دارالسلطنت ويو، تڏهن شيخ عبدالشڪور جو ڏاڏو پڻ ان سان گڏ هو. سندس پيءُ کي شاهجهان ٺٽي ۾ جائداد ڏني ۽ سندن خاندان هميشه لاءِ اتي مقيم ٿيو. شيخ عبدالشڪور جي تعليم ۽ تربيت پڻ ٺٽي ۾ سندس ئي والد جي هٿ هيٺ ٿي. شيخ صاحب کي تاريخ جي مضمون سان گهري دلچسپي هوندي هئي. هن ڪيترائي ڪتاب تاليف ڪيا. سندس تصنيف ۽ تاليف ڪيل ڪتابن جو وڏو ذخيرو ناپيد آهي.
سندس هيٺيان ڪتاب موجود آهن: (1) منتخب ڪلام، (2) مفيد مؤرخين، (3) تاريخ دروازه امام (1075هه)، (4) ذڪر الحسين (1079هه/ روضة الشهداءَ جو انتخاب)، (5) انتخاب منتخب (تاريخ متعلق 1084هه). هنن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب هن وقت انڊيا آفيس لائبرري لنڊن جي ملڪيت آهن ۽ اتي محفوظ آهن. شيخ عبدالشڪور جو تاريخ تي ڪيل ڪم انتهائي مفيد ۽ لاڀائتو ثابت ٿيو. شيخ عبدالشڪور هڪ ئي وقت خوش خط خطاط ۽ مثالي تاريخ نويس هو. هن وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪئي.


لفظ شيخ عبدالشڪورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو